اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 70 سالن کانپوءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي کان پاڪ، اقتصادي ترقي، توانائي بحران تي ضابطو ۽ دنيا ۾ مثبت اميج ??ان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سموريون صوبائي حڪومتون ترقي جو سفر تيزي ??ان طئي ڪري رهيون آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو اتحاد ۽ يڪجهت?? جي علامت آهي، 23 مارچ کان پاڪستان جي قيام جي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبن جو باقاعده آغاز ٿيندو، هي تقريبون سڄو سال جاري رهنديون، نئين نسل کي تحريڪ پاڪستان، قربانين ۽ جدوجهد کان آگاه?? جي لاءِ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي آزاد?? جي سفر تي مشتمل خصوصي ٽرانسميشن پيش ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت پوري ملڪ ۾ صحت، تعليم، انساني حقن سميت هر شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا آهن جنهن جا ثمر سڌو سنئون عوام کي ملي رهيا آهن. هو ڏينهن اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورث?? جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ 23 مارچ جي مناسبت ??ان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) رائو تحسين، انفارميشن سروسز ا??يڊ??ي جو ڊائريڪٽر جنرل شيراز لطيف، ڊ?? جي ڊيمپ سليم بيگ کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورث?? جي اعليٰ عملدارن ۽ زندگ?? جي مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏي تعداد موجود هو.
23 مارچ کان پاڪستان جي قيام جي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبن جو باقاعده آغاز ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ