اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وزيراعظم ??اران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪي?? کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اعل??ٰ عدليه ۾ اسان جي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعل??ٰ عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪي?? ويندا ڇو ته جيئن ته وزيرا??ظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪي?? ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی