واشنگٽن- 19 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طور ره??دڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري جي منصوبي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. دي اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر چيو ته هو پنهنجي ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن دوران ره??دڙ پناهگيرن جن جي آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت ناهي، انهن جي وڏي ??يم??ني تي ملڪ بدري ۾ آمريڪي فوج جي مدد به ورتي ويندي. ڊونلڊ ٽرمپ اها ڳال??ه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ سوشل پرٽام فٽن طرفان ڪيل هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ڪئي. واضح ره?? ته جوڊيشل واچ نالي اداري سان ڳن??يل ٽام فٽن دعويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري غيرقانوني طور ره??دڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري ۽ غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي اثاثا استعمال ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز