ڪاراڪاس -17 اپريل (اي پي پي)وينزويلا ايڪواڊور ۾ پنهنجو سف??رتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو ف??صلو ڪيو ??هي. ميڊيا رپورٽن مطابق وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو 5 اپريل تي ايڪواڊور جي پوليس طرفان ڪويٽو ۾ ميڪسيڪو جي سف??رتخاني تي ڇاپي جي جواب ۾ ايڪواڊور ۾ ملڪ جو سف??رتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وينزويلا جي صدر چيو ??ه ان فيصلي جو محرڪ ايڪواڊور جو صدر ڊينيئل نوبوا جا تازا بيان آهن جنهن جو چوڻ هو ته هو ايڪواڊور جي اڳوڻي نائب صدر جارج گلاس جي گرفتاري لاءِ ميڪسيڪو جي سف??رتخاني تي ڇاپي تي افسوس نه ڪندو، جنهن کي ميڪسيڪو سياسي پناهه ڏني هئي. هن چيو ??ه وينزويلا جي سف??رتي اهلڪار ايڪواڊور واپس نه ويندو جيستائين سندس ملڪ ۾ عالمي قانون واضح طور بحال نه ٿيندو. هن چيو ??ه وينزويلا ايڪواڊور جو گڏيل قومن مان ڪڍڻ لاءِ ميڪسيڪو جي تجويز جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيستائين هو عالمي برادري کان معافي نه گهرندو ۽ صورتحال کي سندس اصل قانوني حيثيت تي بحال نه ڪندو.
وينزويلا طرفان ايڪواڊور ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo