اسلام آباد – پهرين في??روري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ سياسي، معاشي ۽ عوامي رليف بابت صورتحال جي جائزه اجلاس ۾ چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظ??م بدلائڻ آيا آهيون، نظ??م مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي تائين احتساب جو عمل ڀرپور طريقي سان جاري رهندو، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪشمير مسئلو اسان جي اولين ترجيح آهي، پهرين کان 5 في??روري تائين سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ تقريبون منعقد ٿينديون، 5 في??روري تي حڪومت، پارٽي، قوم ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي سرڪاري ۽ نجي سطح تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين ۽ ڀارتي انتهاپس??د چهري کي بي نقاب ڪنداسين. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام جي رليف سان واڳيل قدمن ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي آن بورڊ وٺندي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی