اسلام آباد ??? 18 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ جي عزم سان سالياني چوماسي واري وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو. موسمياتي تبديلي وا??و نگران وزير محمد يوسف شيخ ۽ سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته موسمياتي تبديلي واري وزارت هن سال صوبن، هٿياربند فوج، پوليس، سول سروسز، بلدياتي ادارن، ڪارپوريشنز، خودمختيار ادارن ۽ تعليمي ادارن جي مدد سان قومي سطح تي چوماسي جي مند دوران 4 ڪروڙ 71 لک 40 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪ??و آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ