اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين عالمن، محققن، استادن ۽ شاگردن تي زور ڏو آهي ته هو ڪجهه عنصرن پاران پيدا ڪيل منفي تاثر جو موثر طريقي سان مقابلو ڪندي اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، انتهاپسندي جي سوچ ۽ دهشتگردي انسانيت کي تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ پوري دنيا تي ان لعنت جا اثر ٿيا آهن. اهڙن خي??لن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ڏهين ڪانووڪيشن کي خط??ب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نبي ڪريم صه جي امتي جي حيثيت سان اسلام جي اصل تشخص کي صحيح معنيٰ ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته اهي گڏيل اختلافن کي وساري پوري دنيا جي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ اڻٿڪ محنت ڪن.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری