??ڏي?? قومون-19 آگسٽ (اي پي پي)??ڏي?? قومن سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ آدري سرحد گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ جنگ متاثر ماڻهن لاءِ انساني امداد جي فراهمي جي اجازت ڏئي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مُوجب ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيف?? دوجارڪ لکت واري بيان ۾ چيو آهي ته انتونيو گوتريش سوڊان جي اختيارين جي ان ??يصلي جي آجيان ڪندي ??نساني امداد تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس ۽ جٽادار قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انساني امدادي ??نظيمن کي دارفر ۽ سڄي ملڪ ۾ شهرين تائين محفوظ ۽ بنا رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??ڏي?? قومون لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن سوڊان جي عوام جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ۽ تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي. سوڊان جي حڪومت 25 جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته آدري سرحد گيٽ کي ان بنياد تي بند ڪيو ويو هو ته ان کي قوت الحرڪ هٿيارن فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. 15 آگسٽ تي سوڊان چاڊ سان آدري سرحد گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جنگ کان ??تاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي اجازت ڏئي سگهجي.
گڏيل قومن پاران سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ سرحد کولڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو