جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آه??، ته سندس ملڪ سوڊان واسين سان گڏ بيٺل آه??، هن جده ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آه??. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان غي?? معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آه??. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته اهي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي حمايت ??نا سوڊان تيزي سان لاقانونيت جو ??ڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته دارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آه??، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آه?? ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لاءِ مجبور آه??. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آه??. سندس چوڻ هو ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ سوڊان اڳ ئي انساني بحران جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صورت اختيار ڪري چڪو آه??، جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آه??. هن چيو ته صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آه?? ته بحران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آه??. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ پناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آه??.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد