مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عريبين اسڪائوٽس ايسوسيئيشن (ساسا) حاجي سڳورن جي سهولت ۽ مدد لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 3500 کان وڌيڪ اسڪائوٽس مقرر ڪري ڇڏيا، خدمت جي جذبي سان سرشار ماڻهن جو هڪ وڏو انگ عمر يا جنس کان مٿانهون ٿي ڪري مڪي ۾ ذميواريون نڀائي رهيا آهن ۽ پنهنجو وقت ۽ توا??ائ?? حاجي سڳورن جي مدد لاءِ وقف ڪري رهيا آهن، ساسا موجب اسڪائوٽس جي عمر جي ٻن گروپن ۾ درجا بندي ڪئي وئي آهي، اعليٰ درجي جي اسڪائوٽ ڪيٽيگري 15 ۽ 17 جي وچ ۾ اسڪائوٽ ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، رينجرز جي ڪيٽيگري جي ذمري ۾ 18 کان 22 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل هوندا آهن جن ۾ اسڪائوٽ ??يڊ??ز جن ۾ 150 عورتون به شامل آهن، اسڪائوٽس حاجي سڳورن جي رهنمائي ڪندي انهن جي مدد ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني ب??ائ??ندا آهن ته کين مقدس ماڳن يا انهن جي مقرر ڪيل ڪيمپن تائين پهچڻ ۾ مشڪل پيش نه اچي، اسڪائوٽس کي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن تحت ورهايو ويو آهي ۽ اهي حج ۽ عمري واري وزارت، صحت واري وزارت، واپار واري وزارت، مڪه ميونسپلٽي، حج سيڪيورٽي فورسز ۽ ڪنگڊم آف سعودي عرب پروجيڪٽ فار دي يوٽيل??ئي??يشن آف هدي وغيره جي انتظام هيٺ فرض سرانجام ڏيندا آهن.
سعودي عريبين اسڪائوٽس ايسوسيئيشن حاجين جي سهولت ۽ مدد لاءِ 3500 کان وڌيڪ اسڪائوٽس مقرر ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج