اسلام ??با?? – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف صحت جي نگهداشت جي شعبي کي حڪومت جي اولين ترجيحن جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهائي غريب مريضن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هو ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ اي??وس??ئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بح??ين جي ڀاءُ ۽ بح??ين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن ع??سيٰ بن سلمان پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ اي??وس??ئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بح??ين پاران اهو تحفو آهي ۽ ان جو الحاق رائل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽريننگ اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي بح??ين جو اهو منصوبو صحت جي نگهداشت جي شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن