اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس بنياد هموار ڪري رهيا آهن، ان سان ڊگهي مدي واري ٻه طرفا رابطا وڌائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ٿيندو، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ وسيع تر اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو تسلسل برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، پاڙيسرين ??ان سٺا لاڳاپا هموار ڪرڻ جي پاليسي جي پيروي ڪري رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ سنگين ??ورتحال سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هروڀرو لائين ??ف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان وفدن جي سطح تي ڳالهين ??وران چئي. بيلاروس جو صدر پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پرجوش، خوشگوار ۽ مضبوط رابطا هموار آهن.
پاڪستان ۽ بيلاروس سيڙپڪاري لاءِ ٺوس بنياد قائم ڪن پيا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں