انقره -03 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ??فاع واري وزير شهزاده خالد بن سلما?? انقره ۾ ترڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب انقره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد ترڪي?? جي صدر کي سعودي قيادت جو پيغام په??ايو ۽ ترڪي?? جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي ??واهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي ??ريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ۽ عالمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سعودي دفاع واري وزير جي ??فيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، ترڪي?? جي دفاع واري وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سعودي دفاع واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سعودي قيادت جي هدايت تي ترڪي?? جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي قيادت جو پيغام ترڪي?? جي صدر تائين په??ائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه طرفن ناتن جو جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي ??ريقن ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا