رياض-27 (اي پي پي ) سعودي عرب جي ڪابينه جو اجلاس ولي عهد وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي اڳواڻي ۾ جده ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو ايس پي اي موجب ??طلاعت واري وزير سلمان الدوسري ڪابينه اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪاروائين جي حو??لي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ولي عهد جو وفاقي جمهوريا جرمني جي صدر جي ٽيلي فونڪ رابطي کانسواءِ ڪويت جي وزيراعظم سان ملاقات جي حو??لي سان به بحث ڪيو ويو. ڪابينه اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن سب?? پهرين غزه جي پٽي ۾ ٿيند?? انساني الميي جي بگڙجندڙ صورتحال جي حو??لي سان سيڪيورٽي ڪونسل پاران فوري جنگ بندي جي قرار داد کي ساراهيو ويو اطلاعت واري وزير چيو ته وزيرن واري ڪونسل حڪومت پاران ضروتمند خاندانن لاءِ رهائشي اسڪيم جي حو??لي سان شروع ڪيل مهم جود الاسڪان کي ساراهيندي ان کي بهترين قدم قرار ڏنو . وزيرن جي ڪونسل جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن جا فيصلا ڪيا ويا جنهن ۾ وزارت ثقافت يا ان پاران مقرر ڪيل نمائندي کي تاجڪستان سان گڏ ثقافتي معاملن ۾ سهڪار لاءِ اختيار ڏنو ويو وزارت پاڻي، زراعت ۽ ماحوليات پاران جمهوريا ياداشت جي منظوري ڏني وئي ڪابينا اجلاس ۾ حج سيزن دوران عارضي بنيادن تي مختلف ملڪن مان درآمد ڪيل افرادي قوت جي وزيرن جي فيس حڪومت پاران ادائيگي جي فيصلي کي جاري رکيو ويو .
سعودي عرب جي ولي عهد جي سربراهي ۾ ڪابينه اجلاس، غزه جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی