بيجنگ-16 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون ڏنيون. چيني خابرو اداري مطابق چيني صدر پنهنجي پيغام ?? چيو ته ٻنهي ڌُرين جي گڏيل ڪوششن سان چين ۽ فن لينڊ جي لاڳاپن ۾ پنهنجي روايتي دوستيءَ کي جاري رکيو ويو آهي ۽ ويجهن سالن ۾ نئين اڳڀرائي به ٿي آهي. ٻنهي ملڪن هميشه گڏيل احترام، برابري واري سلوڪ ۽ گڏيل فائدي جي پاسداري ڪئي آه?? ۽ـ مختلف شعبن ۾ عملي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدو حاصل ٿيو آهي. چيني صدر چيو ته هو چين- فن لينڊ لاڳاپن جي ترقيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، انهي آڌار تي چين ۽ فن لينڊ وچ ۾ دوستي جاري رکڻ، ڳالهين ۽ سهڪار ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ ٻَڌل نئين طرز جي شراڪتداري کي گهرو ڪرڻ، عالمي چئلينجن کي گڏيل طور تي مُنهن ڏيڻ ۽ عالمي امن ۽ ت??قي کي هٿي ڏيڻ لاءِ صدر اليگزينڊر سان گ??جي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.
چيني صدر جي فن لينڊ جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ