گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اسرائيل سلامتي ڪائو??سل کي مذاق بڻائي رکيو آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائو??سل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائو??سل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏانهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل انهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر ??نهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، ??سل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل خلاف ڪنهن به فورم تي ڪارروائي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي ??ان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي ??سل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی