غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي ح??ومت قبول نه ڪنداسين. هن پ??يس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني ??اقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته حماس فلسطيني ??وام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني ??اقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، ??ي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي ح??ومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس