ماسڪو-27 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف چيو آهي ته ن??ٽو ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ جو سبب بڻجندو جنهن جو نتيجو انسانيت لاءِ ٻي عالمي جنگ کان به وڏي تباهي هوندو. روس جي خابرو اداري موجب روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف گذريل ڏينهن ٽيلي گرام پوسٽ ۾ خبردار دار ڪيو ته اولهه يوڪري?? کي وڏا هٿيار فراهم ڪري نازي ازم جو مظاهرو ڪندي دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. دمتري مددوف جيڪو هن وقت روس جي سلامتي ڪائونسو جو نائب چيئرمين آهي، آمريڪا طرفان يوڪري?? کي ابرامز ٽينڪن جي فراهمي، آمريڪا طرفان يوڪري?? کي ڊگهي مدي تائين مار ڪندڙ ٽيڪنيڪل ميزائيل سسٽمز (اي ٽي ا?? سي ا??م ايس) جي فراهمي جي مبينه واعدي تي چيو ته ائين لڳي ٿو ته روس وٽ ن??ٽو سان سڌو سنئون تڪرار کانسواءِ ڪو به رستو باقي ناهي بچيو. هن ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي اڳوڻي نازي فوجي جنهن جرمن آمر ايڊولف هٽلر جي ڪمان هيٺ فوجي يونٽن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ته ن??ٽو هٽلر جي محوري طاقتن جي اتحاد وانگر سر ي عام فاشٽ بلاڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي جنهن ۾ ۽ هٽلر جي اتحاد ۾ واحد فرق اهو آهي ته هي اتحاد ماضي جي اتحاد کان وڌيڪ وڏو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي روس ن??ٽو خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا تڪرار انسانيت لاءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجندو، هن خبردار ڪيو ته ان جو نتيجو انسانيت لاءِ 1945ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو. واضح رهي ته روس جي اڳوڻي صدر ۽ روس جي حڪومت ڪيترائي ڀيرا يوڪري?? کي هٿيارن جي مسلسل فراهمي روس ۽ ن??ٽو وچ ۾ سڌي سنئن ٽڪراءُ جي خطري کان خبردار ڪري چڪي آهي.
اولهه دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان به وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي: روس جو اڳوڻو صدر
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔