واشنگٽن – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جو جديد ترين ايف 35 ويڙهاڪ جهاز ڏکڻ ڪيرولاينا جي شهر نارٿ ڪارلسٽن جي ايئر بيس تان اڏام کان پوءِ لاپته ٿي ويو آهي، آمريڪي فوج عوام کي ان جهاز جي ڳولا ۾ م??د ??رڻ جي اپيل ڪئي آهي. جهاز جو پائليٽ پنهنجي سيٽ ايجيڪٽ ڪري حفاظت سان زمين تي لهيو آيو . جوائنٽ بيس ڪارلسٽن ۾ مقرر آمريڪا جي ميرين ڪور جي آفيسرن مطابق پيراشوٽ ذريعي حفاظت سان لهڻ کان پوءِ پائليٽ کي مقامي اسپتال نيو ويو جتي سندس حا??ت مستحڪ?? هئي. پائليٽ ٻڌايو ته جهاز ۾ نقص جي خبر پوڻ تي هن پاڻ کي ايجيڪٽ ??رڻ کان اڳ جهاز کي آٽو پائليٽ موڊ تي آندو هو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش