گڏيل قومون-07 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس چيو آهي ??ه دنيا عالمي جنگ طرف وڌي رهي آهي ۽ اهيو سڀ اڻ ڄاڻي ۾ ناهي ٿيو پر عالمي برادري کليل اکن سان ۽ تيزي سان ان جنگ طرف وڌي رهي آهي . روسي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان پنهنجي خطاب ۾ هن چي?? ته دنيا هڪ وسيع ترين جنهن طرف وڌي رهي آهي ۽ امن جا امڪان گهٽ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ رتو ڇاڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن . هن وڌيڪ چي?? ته سياسي فيصلا ڪندڙن ۾ پري جي سوچ ۽ سمجهه جي گهٽتائي ۽انهن طرفان صحيح فيصلا ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون آهن . عارضي مفاد حاصل ڪرڻ جي سوچ نه رڳو انتهائي غير ذميواراڻي پر غير اخلاقي آهي . سياستدان ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ڌيان رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ڪاروباري مفادن حاصل ڪرڻ آهي . ٻي پاسي گڏيل قومن جي ا??ولن تي ٻڌل نظام ۽ عالمي قانون کي پوئتي ??ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي موجوده افسوس ناڪ صورتحال اسان جي سامهون آهي . جيڪڏهن هر ملڪ گڏيل قومن جي چارٽر مطابق پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ته انهي صورت ۾ ئي امن سان زندگي گذارڻ جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي . هن گڏيل قومن جي ميم??رن تي زور ڏن?? ته هو عالمي ا??اري جي منشور تي عمل ڪرڻ جو ٻيهر عهد ڪندي امن لاءِ پنهنجي نقطه نظر کي تبديل ڪن ۽ انساني حقن ۽ وقار کي پهرين ترجيج ڏين . هن چي?? ته هاڻي سمورن عالمي اڳواڻن کي اکيون کولي ۽ ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي .
دنيا عالمي جنگ طرف وڌي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا