گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پاڪستا?? جي معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حمل?? جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علائقائي رابط ۽ واپار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستا?? جي رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستا?? ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسا?? جي معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ ??وم ڪورونا جي خلاف اسا?? جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آ??ن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي سموري فورسز ??لڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آ??ن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حمل?? جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.
ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania