اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي تعليم لاءِ سرگرم ڪارڪن ملاله يوسفزئي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين کي ٽيليفون ڪيو ۽ افغانستان ۾ عورتن جي حقن بابت عالمي خدشن تي ڳالهه ??ولهه ڪئي، اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ت?? پاڪستان افغانستان ۾ تعليم جي فروغ لا??ِ پنهجو تعاون جاري رکندو، پاڪستان افغان پناهگير ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، هن وقت 6 هزار جي لڳ ڀڳ افغان ٻار پاڪستان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. ملاله يوسفزئي چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لا??ِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته مون وزيراعظم پاڪستان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لا??ِ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان به خط لکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino