اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ??لهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستان سان ??الهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج ع??يد?? پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ??يو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائ??ن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سان ??لهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ??يو. ان ??وقعي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏ??اڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ??يلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏ??اڙي جي پيغامن جي حوالي سان خصوصي بينرز سان ??تحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ ب??هڻ جي صلاحيت سان ??وازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.