اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع منصوبو بڻايو وڃي، چين جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گند??چر?? جي انتظام جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ساليانو 30 ملين ميٽرڪ ٽن گند??چر?? ميونپسل سطح تي پيدا ٿيندو آهي، پلاسٽڪ ??چر?? سموري ??چر?? جو 10 کان 14 سيڪڙو آهي ۽ سال 2050 تا??ين ان جو مقدار ٻيڻو ٿي ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ پيدا ٿيندڙ 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ ??چر?? مان صرف 30 سيڪڙو ري سائيڪل ٿيندو آهي، پاڪستان گذريل مالي سال 2.4 ارب روپين جي لاڳت جو 35651 ٽن پلاسٽڪ درآمد ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان ڏس ۾ چين جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي.
ماحولياتي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی