اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ڪريانه اس??ورن جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گه??تائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، اح??اس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيحن جو تعين ڪيو ويو آهي، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳايو ويو، مزدور جي گه?? کان گه?? پگهار 20 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي، 260 ارب روپيا اح??اس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گه??تائي، ٽيلي ڪام ٽيڪس ۾ گه??تائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هن چيو ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گه?? ڪيو ويو آهي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 2021ع ۾ اح??اس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي اح??اس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو: ڊاڪٽر ثانيه نشتر
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil