اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ماحوليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي مي??باني ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهاي?? ويندو. پاڪستان کي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي مي??باني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ماحول جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان ??ي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي تسليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مي??باني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان ??ان ملهائيندي قدرت سان پنهنجي تعلق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪي?? ويندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مي??باني سان پاڪستان ??و دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان قومي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به مي??ر ايندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ??رگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان ??عليٰ سطح جي تقريبن جو انعقاد ڪي?? ويندو جنهن ?? صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آ??ي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران موسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.
پاڪستان حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش