اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽيسٽ ??ثبت آيا ۽ 13 متاثر مريض ان وائرس سبب فوت ٿيا جن??ن مان 12 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ گهر ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 27 هزار 50 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن??ن مان سنڌ ۾ 6 هزار 551، پنجاب ۾ 10 هزار 957، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 750، اسلام آباد ۾ 4 هزار 704 ، بل??چستان ۾ هڪ هزار 98 ، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 610 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 646 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بل??چستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 89 مريض آه??. س??ي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 855 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 26 هزار 216 آهي، جن??ن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 688، بل??چستان ۾ 15 هزار 767، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 127، اسلام آباد ۾ 18 هزار 578، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 886، پنجاب ۾ هڪ لک 2 هزار 253 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 42 هزار 917 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 715 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل