اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي ??ي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خ??ن دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي ??ي پي سان ڳالهائيندي هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئ??و سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چ??و ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دور??ن دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم عمران خان دنيا کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي: ڪنول شوزب
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار