اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين ??رج?? جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزد??رن?? پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين ??رج?? جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سخت?? سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کانسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائ??ن حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيز?? سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئ?? آهي.
وزيراعظم پاران ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔