اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 2019ع جي 7036 ارب روپين جي ماپي وا??ي وفاقي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرم لاءِ 701 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ت?? 250ا رب روپيا متبال ذريعن ??ان فنانسنگ جي مد ۾ رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ خسارو 3151 ارب روپيا هوندو، جنهن کي ٽيڪس سڌارن وسيلي پورو ڪ??و ويندو، ايندڙ مالي سال جي لاءِ ٽيڪس روينيو جو هدف 5500 ارب روپيا مخصوص ڪ??و ويو آهي،گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جڏهن ت?? گريڊ 17 کان 20 تائين جي ملازمن کي 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويو آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت وڌائي 17500 روپيا ڪئي وئي آهي، پگهاردار طبقي لاءِ 6 لک روپيا ساليانو ۽ غير پگهاردار طبقي لا??ِ 4 لک کان وڌيڪ ساليانو تي انڪم ٽيڪس لاڳو هوندو، سول حڪومت جا خرچ 460 ارب مان گهٽ ڪري 437 ارب روپيا ڪيا ويا آهن، فوجي بجيٽ ۾ اضافو ناهي ڪ??و ويو ۽ اها 1153 ارب روپين ت?? برقرار رهندي.
قومي اسيمبلي پاران مالي سال 2019ع جي 7036 ارب روپين جي وفاقي بجيٽ منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی