اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 1970ع ۾ عوام مستحڪم سياسي اشرافيه کي شڪست ڏني، 70ع جي ڏهاڪي کانپوءِ اڄ عوام ٻه پارٽي نظام کي شڪست ڏني آهي، عوام اسان مان روايتي طرز سياست ۽ حڪومت جي اميد نه ٿي رکي، عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏسي ٿي، 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، توهان کي ??وم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، آئون فيصلا ميرٽ تي ۽ ??وم جي مفاد ۾ ڪندس، برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ جوابده بڻائينداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي پهرين با??اب??ا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados