حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو حافظ آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهد??دا??ن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ ه??ي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهد??دا??ن کي مبارڪب??د ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي ج??ڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی