اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀاڻ تي سبسڊي برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? آبادگار پاڪستان جي معيشت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي ۽ جي ڊي پي گروٿ ۾ اضافي لاءِ شاندار فصل حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن. ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو برابر ??صو هو. 28 ارب روپيا خرچ ٿيڻ تي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ فنانس ڊويزن ڀاڻ تي وڌيڪ سبسڊي ختم ڪري ڇڏي هئي ت??هن هوندي ب?? وزيراعظم هدايت ڪ??ي آهي ت?? ڀاڻ تي سبسڊي جاري رکي وڃي ت?? جيئن آبادگار برادري کي ان جو فائدو ملي ۽ شاندار فصل حاصل ڪرڻ جو هدف پورو ٿي سگهي.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار