ڍاڪا-29 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب فوتگين جو ??عد??د 1600 کان وڌي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال کان هن وقت تائين 3 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊينگي سبب ٿيل فوتگين جو ??عد??د گذريل سال جي ڀي?? ۾ ??هوڻ تي وڌيڪ آهي. صحت جي ماهرن هلندڙ سال ڊين??ي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته عام طور تي سانوڻي جون برساتون ختم ٿيندي ئي ڊينگي وائرس گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ڊين??ي جا 38 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڍاڪا جي بنگابنڌو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ??حمد شرف الدين احمد ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ ان عرصي دوران اسان ڊين??ي جو ڪو به مريض رڪارڊ نه ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام