واشنگٽن-24 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏ آهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري ناتا ماضي جي ڀيٽ ۾ و??يڪ اهم آهن. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري ناتن کي و??يڪ اونهو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط واپاري ناتا ماضي جي ڀيٽ ۾ و??يڪ اهم آهن ڇاڪاڻ ته پاڪستان تباهه ڪن ٻوڏ جي اثرن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا جي واپاري ادارن کي نئين منڊين تائين رسائي لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان سان اسان جي سيڙپڪاري ۾ هڪ سال ۾ 50 سيڪڙو و??ڌ ٿي آهي. هن و??يڪ چيو ته اسان اهو به سمجهون ٿا ته پاڪستان سان ٻه طرفي واپار کي و??يڪ وسعت ڏيڻ جي گنجائش موجود آهي جنهن ۾ توانائي، زرعي اوزار، فرنچائيزنگ، ريٽيل واپار ۽ اطلاعات ۽ رابطاڪاري جي ٽيڪنالاجي لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار خاص طور تي شامل آهن.
پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري ناتن کي وڌيڪ اونهو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی