اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م کي ختم نه ڪيو پر احساس پروگرام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگرام جاري ڪيا، سماجي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آه??، جڏهن عمران خان حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر کي اهو به هضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽو جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته اسان بلاول کي ??قين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو پنجاب ۾ جيڪو حال آهي اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اسيمبليون به قائم رهنديون ۽ وزيراعظم عمران خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو مقدر آهي. بلاول ڀٽو جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين عوامي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ??ڌايو وڃي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي وئي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽو به ٻڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمران خان کان حساب گهرڻ وارا پهرين 15 سالن جو حساب سنڌ جي عو??م کي ڏين ۽ 2018ع ۾ عوام عمران خان کي ??ينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو مدو 2023ع تائين آهي.
بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔