اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ سميت رياستي ميڊيا ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪندو، ان حوالي سان تقريب پاڪ چائنه سينٽر ۾ منعقد ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شروع ڪيل اسٽيٽ ميڊيا ڊجيٽل ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سان گڏوگڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اشتهارن جي ڊجيٽلائيزيشن به شامل آهي. خبرن ۽ ٻين خدمتن جي ڊجيٽلائيزيسن جي عمل سان صارفين ۽ عوام کي خبرن تائين تيز ترين ۽ آسان پهچ حاصل ٿيندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ذاتي دلچسپ?? ۽ ??صوصي ڪوششن سان اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ مليو. اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ڊجيٽل پاڪستان جي وزن جي روشني ۾ نيشنل ڊجيٽل انفارميشن پليٽ فارم (اين ڊي آءِ پي) جو حصو آهي، تقريب دوران قومي خابرو اداري اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي ڪوالٽي مينيجمينٽ جي پنهنجي معيارن کي عالمي سطح سان هم آهنگ ڪرڻ تي آءِ اي?? او:9001:2015 ۽ 27001:2013 سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو،
انهن سرٽيفڪيٽس تحت اي پي پي حاضر دور جي گهرجن موجب روايتي ميڊيائي ذريعن کان جديد ۽ فعال ڊجيٽل ميڊيا سروس ۾ تبديل ٿيندي ۽ نون رجحانن کي نظر ۾ رکندي ڊجيٽل پليٽ فارم تي مستند خبرن جي فور?? ۽ ??سان پهچ جي اهم ذريعي جي حيثيت سان پنهنجو چٽاڀيٽي وارو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪريس گهندي، ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت اي پي پي پنهنجي صارفين ۽ عوام کي مختلف نوعيت جي خبرن ۽ ڊجيٽل مواد جي فراهمي سان پنهنجي دائري ڪار کي ??گه?? ڏئي رهي آهي،
اي پي پي جي ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي قومي، علائقائ?? ۽ ??المي نوعيت جي خبرن، تصويرن، وڊيوز تائين عوام جي فور?? ۽ ??سان پهچ ممڪن ٿيند?? ۽ ??ارفين پنهنجي پسند جي خبرن ۽ سوشل ميڊيا سميت اداري جي مختلف سروسز مان مستفيد ٿي ??گه??دا، اي پي پي خبرن جي فوري پهچ ۽ پنهنجي ڊجيٽل آرڪائيوز کي برقرار رکڻ لاءِ جديد ترين ڪمپيوٽرز، سروسز، وڊيو ايڊٽنگ ۽ ٽرانسميشن اوزار استعمال ۾ آڻيندي.