اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خ??اب ڪندي صدر چيو ته ??وجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ??وجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته ??وس??يا??ي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته ??اڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??لڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??اڪستان جي ماحولياتي نظام کي موس??يا??ي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صدر چيو ته ??لڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??وس??يا??ي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موس??يا??ي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مون سون وڻڪاري بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ??اڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. ملڪ امين اسلم چيو ته ??ڻڪاري مه?? سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر