اسلام ??با?? – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سي??سي مافياز، ڪارٽيلز ۽ ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سڀئي اسان جي خلاف بيٺل آهن پر اها جنگ اسان ک??ينداسين ۽ هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين ۽ انصاف جو نظام آڻينداسين، پي ٽي آءِ پاڪستان ک?? فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ناهن ک??يا، پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ??با??گار خوشحال ٿيا آهن، تعميرات جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، رڳو سي??حت کي صحيح ڪري اسان پنهنجا قرض واپس ڪري سگهون ٿا، گذريل 10 سالن ۾ ٻن پارٽين جي ڪري پاڪستان جا قرض چار ڀيرا وڌي ويا، چونڊ سڌارا آڻينداسين ته جيئن اڳتي ڪير ڌانڌلي جو الزام نه هڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سي??ست ۾ هڪ مقصد تحت وجود ۾ آئي هئي، اسان سمجهندا هئاسين ته ڪرپشن هن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن سي??سي پارٽي ڪرپشن ک?? قومي ايشو طور سامهون آندو. وزيراعظم چيو ته قومون جنگين ۽ وسيلن جي کوٽ سان تباهه نه ٿيون ٿ??ن پر ڪرپشن سان تباهه ٿين ٿ??ون ۽ ڪرپشن به اها نه جيڪا تپيدار، ٿاڻيدار ۽ هيٺيون طبقو ڪري ٿو پر جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪن ٿا ته قوم مقروض ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي. سموري اسرندڙ دنيا جي اها ئي ڪهاڻي آهي، ڪرپٽ حڪمران ملڪ جو پئسو مني لانڊرنگ ذريعي چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃن ٿا، اسان طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن ک?? قانون جي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ٺاهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش