اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهازن پي اين ايس نصر ۽ پي اين ايس خيبر ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا ۽ تنزانيه جي بندرگاهه دارالسلام جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جا اهي جهاز اوڀر آفريڪي ملڪن ۽ بحر هند جي جزيره نما ملڪن جي خ??ر سگالي ۽ تربيتي دوري تي آهن. ان خير سگالي ۽ تربيتي دوري جو مقصد اوڀر آفريقا جي دوست ملڪن ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ حڪومت پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ بحريه جا جهاز تازو ئي سيشلز جي بندرگاهه وڪٽوريا ۽ ماريشئيس جي بندرگاهه لوئس جو دورو ڪري چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ