اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم شاهد خاق??ن عباسي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي لاءِ مشڪل وقت گذري ويو، ڇو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ??ي ويو آهي. اهڙن خيالن جو هن نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته سياسي حالتن ۽ پاليسين جو تسلسل هجي ته معاشي استحڪام به پيدا ٿئي ٿو، نواز شريف ايڪسپورٽ جو جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي جلد عملدرآمد ڪرائينداسين، هلندڙ سال نومبر 2017ع ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ??ي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو وقتي صدر موجود آهي، پا??ٽي جي راءِ موجب صدر چونڊيو ويندو. هن چيو ته پا??ٽي جي اندر ڪي اختلاف نه آهن. شاهد خاق??ن عباسي چيو ته 28 جولاءِ کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۽ پا??ٽي جي اندر وڌيڪ مضبوط آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب