اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معام??ن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته يورپ ۾ ساڄي پاسي جي عوامي تحريڪ ۽ اسلام فوبيا جو هڪ مخصوص رجحان اڀريو آهي، او آءِ سي انهن رجحانن تي ڪڙي نظر رکي آهي، روهنگيا جي حوالي سان او آءِ سي پنهنجو نمائندو موڪليو هو جنهن جي رپورٽ جلد ملي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار ٻڌايو ته اسلام فوبيا تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جيئن جيئن دهشتگردي جا واقعا ٿيندا آهن الزام تراشي ٿيندي آهي، ڪجهه ??لڪ?? ۾ مسلمانن سان امتيازي سلوڪ وڌيڪ آهي، هي پوري اسلام?? دنيا جو معاملو آهي، او آءِ سي جي گذريل اجلاس ۾ ان تي هڪ پورو سيشن ٿيو ته مذهب جي نالي تي ڪنهن ڪميون??ي کي هراسان نه ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری