بيجنگ_ 27 سيپٽمبر(اي پي پي) چين باضابطا طور تي سعودي عرب کي اهم ترين سياحتي ملڪ جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن م??جب سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمد الخطيب ميڊيا کي ٻڌايو ته چين ۾ سعودي سفير، سعودي ٽورازم اٿارٽي جي سي اي او ۽ چين جي سياحت جي نائب وزير جي موجودگي ۾ ٻن??ي ملڪن جي نمائندن هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون، جنهن جي م??جب سالياني 30 لک چيني سياح سعودي عرب ايندا، هن ٻڌايو ته ان معاهدي سان ٻن??ي ملڪن وچ ۾ رابطي کي هٿي ملندي ۽ سياحت جي شعبي ۾ موقعا پيدا ٿيندا ۽ سياحت ، ڪاروبار ،سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ ٻن??ي ملڪن جا لڳاپا مستحڪم آهن. ان موقعي تي چين جي سياحت جي نائب وزير چيو ته ا??و معاهدو ٻن??ي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري لڳاپن کي اڳيان وڌائڻ واري سلسلي جو هڪ اهم قدم آهي ۽ ان سان سعودي ۽ چين وچ ۾ مختلف سطحن تي لڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
سعودي عرب ۾ سالياني 30 لک چيني سياح ايندا، ٻنهي ملڪن معاهدي تي صحيحون ڪري ورتيون
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ