گڏيل قومون- 02 جون (اي پي پي) پ??ڪس??ان چيو آهي ته دنيا هن وقت ماليات، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي جي هڪ ٻئي سان جڙيل بحرانن ج?? مقابلو ڪري رهي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان ج?? نائب مستقل نمائندي عامر خان ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ج?? حوالي سان قائم اعليٰ سطح جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيالن ج?? اظهار ڪندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون سان واپار، انفرا اسٽرڪچر ڪنيڪٽيويٽي، انساني سرمايو، تعليم، صحت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلين ج?? منفي اثرن سان مزاحمت ڪندڙ، آفتن ج?? خطري ۾ گهٽتائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ج?? ڪميٽي اسرندڙ ملڪن وچ ۾ ٽيڪنيڪي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ 1978 جي بيونس آ??رس پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهي آهي. پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ج?? ڪو به متبادل ناهي پر ان ج?? تڪميل لاءِ اتر –ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن کي اتر – ڏکڻ تعاون لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي. اسان کي اميد آهي ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ گڏيل تعاون ج?? بنياد تي تعاون کي هٿي ڏيندو رهندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان آَفتن ج?? خطري ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تبديلين ج?? منفي اثرن سان مزاحمت رکندڙ خاص طور تي ماحولياتي تبديلين سبب گذريل سال ٻوڏ سبب ٿيل تباهين ج?? ڏس ۾ ڏکڻ جي ڪامياب قدمن تي عملدرآمد جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن کي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. لچڪيدار بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) مضبوط بحالي کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقياتي هدفن تي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيل تباهي ۽ آفتن ج?? اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪري ٿو. پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ڏاکڻين ملڪن وچ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان انهن کي اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي عمل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومن جي نائب مستقل نمائندي جو اعليٰ سطح جي ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری